اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته حڪومت ۽ عوام کي گڏجي ڪرونا جو مقابلو ڪرڻو آهي، قومون مشڪلاتن ۽ مصيبتن جو بهادري سان مقابلو ڪرڻ سان ئي وڏي قوم بڻجن ٿيون، پاڪستاني قوم مڙهيل جنگين، ٻوڏ ۽ دهشتگردي جو بهادري ۽ يڪجهتي سان مقابلو ڪيو آهي، مون کي پورو يقين ??هي ته پاڪستاني قوم ايمان، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط سان يڪجهتي سان ڪرونا جي وبا جو مقابلو ڪندي ۽ ان کي شڪست ڏيندي، پاڪستاني بهادر قوم ??هي ۽ هي قوم تمام گهڻو ڪجهه ??ري سگهي ٿي. سماجي ر??بطن جي ويب سائيٽ فيس بُڪ تي عوام سان سڌوسنئون رابطي دورا?? شهرين جي سوالن جا جواب ڏيندي صدر چيو ته ڪرونا وائرس سان متاثر ملڪن کان جيڪي تجربا سکيا ويا آهن، انهن موجب ميل ميلاپ ۽ غيرضروري چرپر کي محدود ڪيو وڃي ته ان وبا کي موثر طريقي سان منهن ڏئي سگهجي ٿو.