لاهور – 07 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي ا??لا??ات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت فلمي ص??عت ۽ سئنيما کي ص??عت جو درجو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فلم کي سينسر ڪرڻ جو اختيار فيڊرل سينسر بورڊ وٽ هوندو، فلمي ص??عت ذريعي تهذيب، قدرن ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ترجيح آهي، عوام پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ وزيراعظم عمران خان کي پنهنجو مسيحا بڻائي چڪي آهي، نيب آزاد ادارو آهي. فلم انڊسٽر?? جي وفد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نئين فلم پاليس?? جي حوالي سان ڌرين سان مشاورت ٿي آهي ۽ نئين فلم پاليسي ۾ ڌرين جي تجويزن کي شامل ڪيو ويندو، فلمي ص??عت جي بحالي لاءِ حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي.