اسلام آباد – 02 م??رچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمر??ن خان مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ان ج?? عملي قدمن جا ثمر عوام تائين پهچڻ شروع ٿي چڪا آهن، سي پي آءِ موجب خوراڪ جي قيمتن ۾ واضح گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، کاڌي پيتي جي شين ج??ن قيمتون هلندڙ سا?? جنوري جي 14.6 سيڪڙو جي شرح جي مقابلي ۾ گهٽ ٿي فيبروري ۾ 12.4 سيڪڙو ٿي ويون آهن.