اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ آرمي ايڪٽ ۾ ترميمن جو بل قومي اسيمبلي مان منظور ٿيڻ تي سمورين س??اسي پارٽين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪي تحفظ سان ڳ??ڍيل اهم قانونسازي تي سياسي پارٽين اتفاق ۽ بردباري جو مظاهرو ڪيو، اڄ ثابت ٿي ويو ته جڏهن به ملڪ تي مشڪل وقت آيو سموريون س??اسي پارٽيون متحد ٿي وينديون آهن، سياسي معاملن تي اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي، جڏهن به ملڪ جي قومي سلامتي ۽ مفادن جي ڳالهه ايندي آهي ته سڀ سياسي پارٽيون متحد ٿي وينديون آهن، پيپلزپارٽي خاص داد جي حقدار آهي جنهن قومي مفاد ۾ پنهنجون تجويزون واپس ورتيون، مخالف ٻڌي وٺن، ملڪي مفاد جي معاملي ۾ سموريون س??اسي پارٽيون متحد آهن، پارليامينٽ عوام جي عدالت مان سرخرو ٿيندي رهندي، پاڪستان جي مخالفن جي پروپگنڊا کي پارليامينٽ دفن ڪري ڇڏيو، پارليامينٽ انهن جي ارمانن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران س??نيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين س??نيٽر فيصل جاويد سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي.