اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??وم کي ڪرونا وبا جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي احتياطي تبديرن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته احتياط ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪري ئي ان ??با کان بچي سگهجي ٿو، لاڪ ڊائون ۾ زرعي شعبي کي مڪمل ڪم ڪرڻ جي اج??زت هوندي، 14 اپريل تي تعميراتي شعبو ڪم شروع ڪري ڇڏيندو، اڄ خميس کان احساس پروگرام جي امدادي پروگرام تحت 12 هزار رپيا في خاندان امداد ڏني ويندي، سڄي ملڪ ۾ 17 هزار جاين تان عوام کي رقم ڏني ويندي، پهرين مرحلي ۾ 23 لک خاندانن کي امدادي رقم ڏني ويندي، امدادي رقم جي فراهمي ۾ ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو، ايندڙ اڍائي هفتن تائين 144 ارب رپيا ورهايا ويندا، پاڪستان تحريڪ انصاف جا قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر ڪرونا رليف ٽائيگر فورس جو حصو بڻجن، اها ٽائيگر فورس غريب ماڻهن جي نشاندهي ڪري انهن کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻند??. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن ڪرونا جي صورتحال جي ڏس ۾ بريفنگ دوران ڪيو.