لاهور – 30 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف اهو سمجهن ٿا حڪومت ڪامياب ٿي ته انهن جو پئسو پڪڙيو ويندو، ملڪي مافياز کي فڪر لڳي وئي آهي ته اسان ڪامياب ٿي وياسين ته مخالف ڌر جي سياست ختم ٿي ويندي، ملڪ مشڪل وقت مان ٻاهر نڪري آيو آهي، گهٽ عرصي ۾ پنجاب ۾ سڌارا سڀ کان وڌيڪ آيا آهن، ٽن هفتن جي محنت کانپوءِ بهترين ٽيم پنجاب ۾ آندي آهي جنهن سان پراڻي ۽ نئين پنجاب ۾ توهان کي فرق نظر ايندو، سموگ جي روڪٿام لاءِ ٻاهرئين ملڪ?? مان صاف تيل درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، يورو 4 پيٽرول درآمد ڪنداس??ن، 2020ع جي آخر تائين يورو 5 پيٽرول تي منتقل ٿي وينداس??ن، لاهور ۾ 60 هزار ڪينال تي ٻيلا هڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن سا?? ماحولياتي ??لودگي تي ??ابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. هو وزيراعليٰ هائوس لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.