ڪراچي – 23 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پرڏيهي لاڳاپن بابت پاڪستان ڪائونسل (پي س?? ايف آر) جي وفد هتي س??ڌ جي گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران وفد ڊاڪٽر عارف علوي کي ٻڌايو ته ڪهڙي طرح پي س?? ايف آر ڪراچي ۾ ٿنڪ ٽينڪ جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سفارتي معاملن ۾ حڪ??مت جي مدد ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪ??مت سفارتڪاري ۽ پرڏيهي پاليسي جي شعبن ۾ تحقيقي ڪمن لاءِ پرڏيهي آفيس جي ذريعي ملڪ ۾ يونيورسٽين سان رابطا ڪيا آهن، صدر وفد کي خاطري ڪرائي ته پرڏيهي وزارت جي ذريعي پرڏيهي آفيس ۽ پي س?? ايف آر جي وچ ۾ رابطن کي به مضبوط بڻايو ويندو. غير ملڪي س??ارتڪارن سان بهتر لاڳاپا برقرار رکڻ ۾ پي س?? ايف آر جي ڪردار جو اعتراف ڪندي صدر چيو ته صارفين جي تعداد ۾ اضافي جي لاءِ آفيس کولي پرڏيهي لاڳاپن بابت پاڪستان ڪائونسل جو دائرو وسيع ڪرڻ جو مشورو به ڏنو. سفارتخاني جي سطح تي غير ملڪي س??يرن ۽ معزز شخصيتن سان ڳالهين سان بهتر رابطا پيدا ٿيندا ۽ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي