اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن تائين گئس جي قيمت ۾ اضافو نه ڪيو وڃي، ڪڻڪ جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي حڪومتي ۽ نجي شعبي پاران مستقبل ۾ ڪڻڪ جي درآمد جا فيصلا وقت تي ڪيا وڃن، جڏهن ته وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته رمضان ۾ 7 ارب روپين جي پيڪيج جي منظوري ڏني وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽي، کنڊ ۽ ٻين ضروري شين جي قيمتن جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير مخدوم ??سرو بختيار، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، محمد حماد اظهر، سيد فخر امام، عمر ايوب، اسد عمر، خاص مددگار نعيم بابر، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، ناڻي وارو اڳوڻو وزير شوڪت ترين، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بنيادي ضروري شين خاص طور تي اٽي جي قيمت ۾ استحڪام، کنڊ جي موجوده قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان قدمن، گئس ۽ پيٽرول جي قيمتن جي حوالي سان معاملن تي غور ڪيو و??و. وزيراعظم حڪومتي معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي ته حڪومت پاران ٽارگيٽيڊ سبسڊي اسڪيم مت??ارف ٿيڻ تائين اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم عمران خان چ??و ته غريب ماڻهن کي اٽي جي حوالي سان سڌو سنئون سبسڊي جي فراهمي لاءِ مفصل پروگرام مت??ارف ڪرايو پيو وڃي جنهن جي ڪري اٽي جي خريداري جي حوالي سان معاشري جي ڪمزور طبقن کي حڪومت پاران سڌو سنئون سبسڊي فراهم ڪئي ويندي. هن چ??و ته حڪومتي سبسڊي جو مقصد معاشري جي ڪمزور طبقن جي مالي مدد آهي ته جيئن ان تي مهانگائي جو بار ممڪن حد تائين گهٽ ڪ??ي سگهجي.