اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب سڀ کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ رڪارڊ ڪيو ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 56 فوتگيون ٿيون، جنهن مان 25 فوتگيون وينٽيلرز تي موجود مريضن جو هيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 165 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 56 ماڻهو فوت ٿيا جنهن مان 48 ماڻهو اسپتالن جڏهن ته 8 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪو??ڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 21 سيڪڙو، لاهور ۾ 37 سيڪڙو، پشاور 26 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 33 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 39 سيڪڙو، ملتان ۾ 31 سيڪڙو، گجرات ۾ 61 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 22 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??يڊ – 19 جا 33 هزار 196 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 504، پنجاب ۾ 10 هزار 775، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 595، ا??لام آباد ۾ 4 هزار 995، بلوچستان ۾ 597، گلگت بلتستان ۾ 377، آزاد ڪشمير ۾ 353 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 28 هزار 545 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو??يڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪو??يڊ 19 جا 247 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 25 هزار 8 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 65 هزار 989 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 9 هزار 562، بلوچستان ۾ 18 هزار 954، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 943، ا??لام آباد ۾ 42 هزار 921، خيبرپختونخواهه ۾ 70 هزار 123، پنجاب ۾ 1 لک 65 هزار 200 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 54 هزار 286 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 12 هزار 436 آهي جن مان سنڌ ۾ 4 هزار 244 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 11 مري?? اسپتالن ۽ 7 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 5 هزار 114 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 29 مري?? اسپتالن ۾ ۽ هڪ مريض گه?? ۾ ??رنطينه دورن ان وائرس سبب فوت ٿيو. خيبرپختونخواهه ۾ 2 هزار 7 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 مري?? اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، ا??لام آباد ۾ ڪل 486 فوتگيون ٿيون. بلوچستان ۾ 199 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 102 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 284 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1 مري?? اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ – 19 جا 85 لک 31 هزار 218 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 113 مريض علاج هيٺ آهن.