اسلام آباد – 30 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بابا گرو نانڪ جي 551 هين جنم ڏهاڙي تي سک برادري کي مبارڪباد ڏين??ي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سک برادري سميت سڀني اقليتن جي مذهبي عبادتگاهن ۽ جاين جو مڪم?? تحفظ ڪيو ويندو ۽ ياترين ????ءِ مڪمل سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هڪ وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته سک برادري جي ٻن مقدس جاين ??نڪانه صاحب ۽ ڪرتاپور پاڪستان ۾ موجود آهن، جهڙي طرح مسلمانن ل??ءِ مڪي ۽ مديني جي اهميت آهي اهڙي طرح سکن جي ل??ءِ اهي ٻه مذهبي جايون تمام گهڻي اهميت رکن ٿيون.