اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير ??سد عمر چيو آهي ته ع??ام جي رويي مان نه ٿو لڳي ته انهن کي ڪنهن ڳالهه جي فڪر آهي، ڪورو??ا جي ٻي لهر انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. اسلام آباد ۾ خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ هن پاڪستان ۾ وبائي مرض ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال ۽ مستقبل ۾ درپيش خطري تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اسد عمر چيو ته حڪومت جي لاءِ اسڪولز بند ڪرڻ جو فيصلو آسان نه هو. 11 جنوري 2021ع کان حالتو?? ڏسي اسڪولز کولڻ جو امڪان آهي.