اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪ??تا?? ۾ سمورا اقتصادي اشارا مثبت آهن، روانگي واپار ۾ 24 سيڪڙو اضافو ٿيو، ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جي بحالي ۽ آٽو موبائيلز جو وڪرو وڌيو آهي، سمنڊ پار پاڪ??تا??ي ملڪ جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ محب وطن آهن، جڏهن اقتدار سنڀاليو ته معاشي صورتحال خراب هئي، اڌ کان وڌيڪ ٽيڪسز قرض?? جي ادائيگي تي ??رچ ٿيندا هئا، ملڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ خ??ارو 20 ارب ڊالر هو، جيڪڏهن ماضي جي قرضن جو بار نه هجي ها ته صورتحال وڌيڪ بهتر هجي ها، گذريل چار مهينن ۾ ڪو به نئون قرض ناهي ورتو ويو. موسمي حالت?? جي ڪري ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿي، آئنده ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي ڪنهن به قسم جي کوٽ نه هوندي، موثر معاشي پاليسين سان 17 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪ??تا?? جي اهتمام هيٺ نيا پاڪ??تا?? سرٽيفڪيٽ جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.