اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊولپ??ين?? بابت قومي رابطا ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، ايسوسئيشن آف بلڊرز ۽ ڊوليپرز (آباد) اجلاس کي آگاهه ڪيو ??ه سنڌ ۾ 74 منصوبن جي منظوري ملي چڪي آهي جنهن جي ڪل لاڳت 28 ارب روپيا آهي، انهن منصوبن جي آغاز سان 55 ارب روپين جون لاڳاپيل معاشي سرگرميون شروع ٿينديون. وز??را??ظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ??ه سيپٽمبر 2019ع کان سيپٽمبر 2020ع جي عرصي ۾ سي??ين?? جي وڪري ۾ 17 سيڪڙو ۽ اسٽيل جي وڪري ۾ 19 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو، آباد تعم??را?? جي منظوري جي عمل کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي حوالي سان حڪومتي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان ڏس ۾ تج??يزون به پيش ڪيون.