ڪوئيٽا – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول ڊاڪٽر ثمينه عار?? علوي چيو آهي ته عورتن ۾ ڇاتي جي ڪ??نسر هڪ سنجيده مسئلو آهي، جيڪڏهن ان جي بروقت سڃاڻپ ٿي وڃي ته ان مرض جي پيچدگين کان بچي سگهي ٿو، ضروري آهي ته ان آگاهي کي صرف آڪٽوبر جي مهيني تائين ئي محد??د نه رکيو وڃي پر مسلسل عورتن ۽ ڇوڪرين کي ان مرض جي باري ۾ شعور ڏيندا رهون. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ منعقد تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪ??و.