ميرپور – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي مخ??طب ڪندي چيو آهي ته مودي ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهجان، پاڪستان تي حملو تنهنجي آخري غلطي هوندي، پاڪستان ۾ ڪير به موت کان نه ٿو ڊڄي، اسان الله تي ايمان رکون ٿا، والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو وڌيڪ عرصي تائين نه ٿو رهي سگهي جنهن ڏينهن ڪرفيو ختم ٿيو انسانن جو سمنڊ آزادي جو آواز بڻجي نڪرندو ۽ مودي جي هٿ ۾ ڪجهه نه رهندو، پاڪستان جنگ نه پرامن طريقي سان مسئلن جي حل جو خواهشمند ??هي، اڄ پوري دنيا والاريل ڪشمير جي عوام جي حالتن کان آگاهه آهي، ڪشمير جو مسئلو عالمي سطح تي اهميت اختيا?? ڪري ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير يڪجهتي ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو.