اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ نئين منڊين جي ڳولا ڪرڻ جي ضرورت آهي، چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مثالي لاڳاپا موجود آهن ۽ ٻنهي ملڪن ۾ واپار کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. اسپيڪر جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم جي افغانستان بابت ايلچي صادق خان وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار ايوب آفريدي، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڪريم خان، بورڊ آف انويسٽمينٽ جي چيئرمين، ??امرس سيڪر??ٽر?? ۽ انڊسٽري واري سيڪر??ٽر?? شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ واپار، افغان ٽرانزنٽ ٽريڊ ۽ ٻاهرين ملڪ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسپيڪر اسد قيصر ان موقعي تي چيو ته وچ ايشيائي رياستون وڏيون واپاري منڊيون آهن، جنهن تائين پهچ لاءِ ڪي پي ڪي، افغانستان گيٽ وي جي حيثيت رکي ٿو، هن چيو ته واپاري خساري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ نئين منڊين جي ڳولا ضروري آهي، مقامي آبادي کي روزگار جي فراهمي ۽ ٻاهرين واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ اڳوڻي فاٽا ۽ پاڪ افغان باڊر کي اڪنامڪ ز??ن قائم ڪيا وڃن، اسد قيصر چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اڳوڻي فاٽا جي ضم ٿيل ضلعا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، ٻاهرين واپار جي فروغ لاءِ خصوصي ٽيڪينڪل گروپ جوڙيا وڃن، ??ين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ فري ٽريڊ معاهدي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻاهرين واپار جي فروغ جا سڀني کان وڌيڪ موقعا موجود آهن. جنهن سان واپاري سرگرمين ۾ اضافو ممڪن ٿي سگهندو آهي، هن هدايت ڪئي ته واپاري سرگرمين ۾ ڪنهن به صورت ۾ رڪاوٽ نه اچڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي ٽرانزٽ ٽريڊ جي مصنوعات جي پي??او??ر شروع ڪرڻي آهي ان حوالي سان افغان سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي، اسان وٽ پي??او?? جي گهٽتائي آهي تنهن ڪري اسان کي پنهنجي پي??او??ر کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اسان انٽرنيشنل مارڪيٽ تائين پهچ چاهيون ٿا ته جيئن پاڪستاني مصنوعات کي عالمي سطح تائين متعارف ڪرايو وڃي. ملڪ ۾ واپاري سرگرمين ۾ اضافي سان مقامي ماڻهن کي روزگار ملندو.