اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت زرعي شع??ي جي ترقي لاءِ پرعزم آهي، آبادگارن کي زرعي منصوبابندي ?? معاونت، معياري ٻج، جديد زرعي مشينري ۽ آسان قرضن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ زرعي شع??ي جي ترقي تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير سيد فخر امام، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، پنجاب جي زراعت واري صوبائي وزير سيد حسين جهانيان گرديزي ۽ لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي ??ڏه?? ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت زراعت جي شع??ي جي مڪل صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي، آبادگارن کي زرعي منصوبابندي ?? معاونت، معياري ٻج، جديد زرعي مشينري ۽ آسان قرضن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت آبادگارن جي معاونت سان ايندڙ سالن ۾ زرعي جنسن جي پ??داوار ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم گوجرانوالا ۽ اوڪاڙه جي ضلعن ۾ زرعي شع??ي جي ترقي لاءِ بئنڪنگ سيڪٽر جي ترقياتي مالياتي پروگرام کي ساراهيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته جي ڊي پ?? ۾ 19 سيڪڙو حصي سان گڏ زرعي شعبو تمام وڏي پئماني تي مينوفيڪچرنگ (ايل ايس ايم) يونٽس جي لاءِ خام مال فراهم ڪري ٿو، مجموعي طور تي قومي معيشت ۾ زراعت جو اٽڪل 60 – 65 سيڪڙو حصو آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايتڪئي ته اهي آبادگارن ج?? بنيادي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ ۽ انهن جي فصل جي پ??داواري صلاحيت کي وڌائڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏين.