ڪراچي – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته وفاقي حڪومت ڪراچي سرڪلر ريلوي جي منصوبي جي لاءِ پوري طرح پرعزم آه??، ڪراچي ٽرانفارميشن پلان تي عملدرآمد خوش آئنده آه??، ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي سياسي اختلافن جي باوجود گڏجي هلڻو پوندو، بنڊل آئي لينڊ جي منصوبي سان غير ملڪي سيڙپڪاري ايندي، اهو منصوبو سنڌ ۽ پوري پاڪستان جي لاءِ فائيمند ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ جديد سرڪلر ريلوي جي منصوبي جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، وڏو وزير مراد علي شاهه، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، بحري معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي زيدي، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم سواتي به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ڪراچي پاڪستان جي لاءِ وڏي اهميت رکندڙ آه??، سمورن وڏن ملڪن جي ترقي ۾ ڪو هڪ وڏو شهر ئي لينڊ ڪندو نظر ايندو آه??، ڪراچي جي اهميت به اهڙي طرح آه?? پر بدقسمتي سان ماضي ۾ جڏهن ڪراچي ترقي طرف گامزن ٿيو ته انتشار جو شڪار ٿي ويو. وزيراعظم چيو ته اسان ڪراچي جي ترقي جي لاءِ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان ٺاهيو ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ڪراچي کي کڻڻ جي لاءِ گڏجي فيصلا ڪيا، ڪراچي جي ترقي صرف ڪراچي جي لاءِ نه پر پوري پاڪستان جي لاءِ فائديمند آه??، هي اهڙو شهر آه?? جتي سڄي دنيا مان سيڙپڪاري اچي س??هي ٿي. وزيراعظم چيو ته ڪي سي آر جو منصوبو سڄي ڪراچي کي ملائيندو جنهن سان شاهراهن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو. هن چيو ته گرين لائين بس سروس به اهم منصوبو آه??، ڪراچي جيڪو تيزي سان پکڙجي رهيو آه?? جو ٻيو وڏو مسئلو پاڻي جي فراهمي جو آه??. واپڊا چيئرمين ان سلسلي ۾ ڳاله ڪئي اهي، هن ٻڌايو ته ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي جو منصوبو وقت سر مڪمل ٿيندو ۽ ٻن سالن جي اندر اندر ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو، وزيراعظم چيو ته سياسي اختلافن جي باوجود ??نڌ ۽ ملڪ جي خاطر ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گڏجي هلڻو پوندو، هن سنڌ جي وڏي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته بنڊل آءِ لينڊ جي منصوبي جو ٻيهر جائزو وٺي، ان منصوبي سان ڪراچي ۾ سيڙپڪاري ايندي، وزيراعظم چيو ته شهرن جي پکيڙ سان مختل?? قسم جا مسئلا پيدا ٿيندا آه?? ۽ ڪنهن به شهر جو انتظام هلائڻ ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو آه??، لاهور کي بچائڻ جي لاءِ جهڙي طرح اسان راوي سٽي ٺاهي رهيا آه??ون، اهڙي طرح ڪراچي ۾ به منصوبن جي ضرورت آه??، اسان کي هاڻي کان مستقبل جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪرڻ پوندي ٻي صورت ۾ ڪا به حڪومت مستقبل ۾ مسئلن کي منهن ڏيڻ جي قابل نه هوندي. وزيراعظم چيو ته بنڊل آئي لينڊ جي منصوبي ۾ غير ملڪي سيڙپڪار ۽ سمنڊ پار پاڪستاني سيڙپڪاري لاءِ تيار آه??، پاڪستان کي ان سيڙپڪاري جي سخت ضرورت آه??، وزيراعظم چيو ته مون کي خوشي آه?? ته ڪراچي ٽرانفارميشن پلان تي عمل ٿي رهيو آه??، ڪراچي جي نالن جي صفائي ۽ رستن جي تعمير تي به ڪم جاري آه??. وزيراعظم چيو ته وڏا منصوبا ان لاءِ مڪمل ناهن ٿيندا ڇو ته انهن ۾ مشڪلاتون هونديون آه?? ۽ سياسي حڪومتون ان کي مڪمل ڪرڻ جو عزم ناهن رکنديون ان لاءِ اهي منصوبا ڦاسجي ويندا آه??، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ڪراچي سرڪلر ريلوي جي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پوري طرح ڪوششون ڪرڻيون پونديون. وفاقي حڪومت ان سلسلي ۾ پوري طرح پرعزم آه??، اميد آه?? ته سنڌ حڪومت به ڀرپور تعاون ڪندي. .