اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پارلياماني وفد جي سان گڏ اير??ن جي نئين چونڊيل صدر سيد ابراهيم رئسي سان تهران ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پاڪستان ايران لاڳاپا، علائقائي ترقي، اقتصادي تعاون ۽ پارلياماني رابطن کي ??امع بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين اير??ن جي نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي ايران ۾ آهي. سينيٽ چيئرمين کي وزيراعظم پاڪستان عمران خان حلف برداري جي تقريب ۾ پاڪست??ن جي نمائندگي لاءِ نامزد ڪيو هو. نئين چونڊيل ايراني صدر سان ملاقات دوران پاڪستان ۽ اير??ن جي وچ ۾ پارلياماني رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ اقتصادي لاڳاپن جي استحڪام تي اتفاق ڪيو ويو. سينيٽ چيئرمين ان موقعي تي اير??ن جي نئين چونڊيل صدر لاءِ پاڪستاني قوم، پارليامينٽ، صدر ۽ و??يراعظم پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سندس قيادت ۾ پاڪستان ۽ اير??ن جي وچ ۾ پراڻا مذهبي، ثقافتي ?? واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحانن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. صادق سنجراڻي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي رابطن ?? واپار جي فروغ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي به ضرورت آهي. هن چيو ته ايران سان بلوچست??ن جي سرحدي علائقن کي ??جلي جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائڻ جي به درخواست آهي، ان موقعي تي ايراني صدر چيو ته علائقائي واپار جي فروغ لاءِ درپيش رڪاوٽن کي ??تم ڪرڻ ۽ بلوچست??ن جي علائقن کي ??جلي جي بنا رنڊڪ فراهمي لاءِ درپيش مسئلن کي فوري حل ڪيو ويندو.