اس??ام آباد – 27 جون (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بار ۽ بئنچ وانگر بار جو قا??ون واري وزارت سان چولي دامن جو ساٿ آهي، قا??ون واري وزارت جي بار ايسوسيئيشنز سان تعاون جي فيصلي جا ڏورس نتيجا نڪرندا. هو بار ايسوسيئيشنز ۾ چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ملڪ جو بنياد قائداعظم جيڪو هڪ وڪيل هو رکيو هو، قائداعظم به ڪارو ڪوٽ ۽ ٽائي پائي هئي، هو عظيم انسان ۽ عظيم ليڊر هو، جنهن آزاد ملڪ حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو.