اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ آئي ووٽنگ سسٽم تي ڪم تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته موثر چونڊ طريقيڪار نه هجڻ سبب سمنڊ پار پاڪستاني چونڊ عمل ۾ حصو نه ٿا وٺي سگهن، ان مقصد جي لاءِ آئي ووٽن?? جو موثر ۽ فول پروف نظام جوڙيو وڃي. هو ايوان صدر ۾ آئي ووٽنگ ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز تي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي صدار?? ڪري رهيو هو. صدر چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي مٽاسٽا جي نا??ي ??ريعي ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. موثر چونڊ طريقيڪار نه هجڻ سبب سمنڊ پار پاڪستاني چونڊ عمل ۾ حصو نه ٿا وٺي سگهن.