فيصل آباد – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ جي معيشت ۾ 33 بل??ن ڊالر اضافو ٿيو آهي، هلندڙ مالي سال جي آخر تائين روانگي واپار جو مجموعي ڪاٿو 26 مل??ن ڊالر تائين پهچي ويندو، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 44 ??يڪ??و، هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ پرڏيهي ناڻو 24 بل??ن ڊالر تائين پهچي ويو، اسحاق ڊار جي معيشت سرخي پالش ۽ بيوٽي پارلر واري هئي، پاڻي ذخيرا نه ٺاهيندڙ سياستدان قومي ڏوهاري آهن، پي ڊي ايم ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪي آهي، هاڻي اهي جيلن ۾ ئي گڏ ٿيندا. هو نيشنل اسپتال فيصل آباد ۾ ڪوويڊ 19 وارڊ جي افتتاحي تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪوويڊ 19 جي ڪري سڄي دنيا جي معيشت متاثر ٿي آهي، انهن سمورن چئلينجز جي باوجود عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت معاشي ميدان ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، اسان جي معيشت 33 بل??ن ڊالر جي اضافي سان 4 ??يڪ??و تي ترقي ڪري رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽس هڪ بل??ن ڊالر کان سرپلس، ايڪسپورٽس ۾ 13.5 ??يڪ??و اضافو، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 24 بل??ن ڊالر تائين پهچي ويا آهن، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ هڪ بل??ن ڊالر، يورو بانڊ 2.5 بل??ن ڊالر، چانور، مڪئي، ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار، ٽريڪٽر، موٽرسائيڪل، گاڏين جو رڪارڊ وڪرو ۽ ٽ??ڪسز جون رڪارڊ اوڳاڙيون ذڪر جوڳيون آهن.