اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) منصوبابندي، تر??ي سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ اضافي جي ڪري جمعي کان نئين بندشن جو آغاز ڪنداسين جڏهن ته ڪجهه وڏا شهر ب??د ڪرڻا پئجي سگهن ٿا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ ۾ اسد عمر چيو ته اين سي او سي ۾ ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويو. صورتحال بهترين نه نظر اچي رهي آهي، گذريل سال قوم ايس او پيز تي ع??ل ڪيو، هن ڀيري ع??ل نه ٿي رهيو آهي ۽ حفاظتي تدبيرون ڏسڻ ۾ نه اچي رهيون آهن.