اسلام آ??اد – 07 – جنوري (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ پنجاب ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون ان کانپوءِ وڌيڪ فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون، سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 50 فوتگيون ٿيون جنهن مان 27 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي 2 هزار 482 مريضن جا ٽي??ٽ پازيٽو آيا ۽ 50 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 45 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 5 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 45 سيڪڙو، اسلام آ??اد ۾ 30 سيڪڙو، لاهور ۾ 37 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 41 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولتن واري بسترن تي اسلام آ??اد ۾ 30 سيڪڙو، ملتان ۾ 33 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 34 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 54 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 40 هزار 509 ٽي??ٽ ڪ??ا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 699، پنجاب ۾ 15 هزار 562، خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 798، اسلام آ??اد ۾ 5 هزار 167، بلوچستان ۾ 599، گلگت بلتستان ۾ 413، آزاد ڪشمير ۾ 271 ٽي??ٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 50 هزار 515 ٿي چڪو آهي. گلگلت ??لتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي.