اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا خطي جي معاشي ۽ سما??ي ترقي لاءِ نئين عهد ۾ داخل ٿي ويا آهن، پاڪستان چين سان گڏ پنهنجي بي مثال دوستي تي فخر ڪندو آهي، ??ارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان گڏيل لاڳاپن ۾ وڌ??ڪ اضافو ٿيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي جنهن ساڻس ملاقات ??ئي. ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.