اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) درآمدي پيٽروليم مص??وعات جي قيمتن جي حوالي سان وزيراعظم جي پيٽروليم واري خاص معاون نديم بابر جي قيادت ۾ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، ڪميٽي درآمد ٿيل پيٽروليم مص??وعات جي قيمتن ۾ نقصان کان بچڻ جي لاءِ مختلف آپشنز جو جائزو وٺندي. اي سي سي جو اجلاس وزيراعظم ج?? ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اعليٰ عدليه جي فيصلن، آبزرويشنز ۽ پاڪستان اسٽيل ملز جي حوالي سان ٻين عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي روشني ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي هيومن ريسورس ريئلائيز??شن منصوبي جي مڪمل ۽ حتمي منظوري ڏئي ڇڏي.