اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) هوا بازي واري وفاقي وزير غلام سرور ??ان چيو آهي ته 22 مئي 2020ع تي لاهور کان ڪراچي ويندڙ اڏام کي لينڊنگ دوران ??يش ايندڙ افسوسناڪ سانحي جي تحقيقات پاڪ فضائيه جي سينئر آفيسرن جي سربراهي ۾ جوڙيل بورڊ ڪري رهيو آهي، سانحي جي شروعاتي رپورٽ 22 جون تي پارليامينٽ ۽ قوم جي ??ام??ون پيش ڪئي ويندي، جهاز حادثي ۾ 99 مسافر ۽ ڪاڪ پٽ عملو سوار هو جنهن مان 97 شهيد ٿيا ۽ 2 معجزاتي طور ??ي محفوظ رهيا جنهن جي حالت خطري کان ??اهر آهي، 51 ميتون ڊي اين اي شناخت کانپوءِ وارثن جي حوالي ڪيون ويون آهن، باقي ميتون شناخت جي مرحلي ۾ آهن جنهن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو، جاچ رپورٽ ??ام??ون اچڻ تي ذميدارن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي ڪنهن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي، شروعاتي رپورٽ ??ام??ون اچڻ تائين ميڊيا فني ر??ن تي غير ضروري تبصري کان ??اسو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس جي ??ور??ن ڪيو.