اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا وي آءِ پي شخصيت جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي وي آءِ پي شخصيت جو نالو ڪڍڻ جي مخالفت ڪئي آهي جنهن جي وفاقي ڪابينا ??تف??ق راءِ سان توثيق ڪري ڇڏي، ڪابينا ملڪ ۾ هڪ ٻيو هڪجهڙو قانون لاڳو تي ??تف??ق ڪيو، وفاقي ڪابينا گهرو وزارت طرفان ايگزٽ ڪنٽرو?? لسٽ ۾ نالا شامل ڪرڻ ۽ ڪڍڻ جي حوالي سان تجويز، زندگي بچائيندڙ سميت ٻين اهم 89 دوائن جي قيمت ۾ 15 سيڪڙو گ??ٽت??ئي، لائن آف ڪنٽرول تي رهندڙ ماڻهن جي لاءِ خصوصي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ??اڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ??اڪٽر ظفر مرزا سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪايبنا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته و??اقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 12 ڊسمبر 2019ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي آهي.