اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ عسڪري ۽ سياسي قيادت اتفاق ڪيو آهي ته پارليامينٽ جي رهنمائي ۾ ٽي ٽي پي سان ڳالهه ٻولهه جو معاملو اڳتي وڌايو ويندو، آئين ۽ قانون موجب ئي امن آندو ويندو، آئين جي خلاف ڪا ڳالهه نه مڃي ويندي، جيڪڏهن ڪنهن جاچ اداري عمران خان ۽ ان جي گهرواريءَ جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو چيو ته دير نه لڳائينداسين، عمران خان تي اصل ۾ بي اعتمادي سندس اتحادين ڪئي آهي، جيترا ووٽ پي ٽي آءِ جا هئا ايترائي ووٽ کڻي شهباز شريف وزيراعظم بڻيو، نيب جي اڳوڻي چيئرمين کي ??ورت کي هراسان ڪرڻ جي وڊيو جي معاملي ۾ دٻاءُ ۾ آڻي انتقامي ڪارروايون ڪيون ويون، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ نيب چيئرمين جو فيصلو ٿي ويندو، اهڙو نيب چيئرمين هوندو جيڪو انصاف جون گهرجون پوريون ڪندو ۽ اداري جي اندر خرابيون به ختم ڪندو، عمران خان جو آمريڪي سازش کان شروع ٿيندڙ بيانيو نيوٽرل تي اچي پهتو آهي، عمران خان ٻڌائي ته شهباز شريف جي خلاف ڪهڙا 70 ڪيسز آهن؟ هو اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان گڏ پي ٽي وي هيڊڪوارٽر ۾ صحافين کي ??ريفنگ ڏئي رهيو هو. وفاقي گهرو وزير راڻاءُ ثناءُ الله چيو ته وزيراعظم هائوس ۾ اهم معاملن تي پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سيڪيورٽي صورتحال تي پارلياماني اڳواڻن کي ??ريفنگ ڏني وئي، ملڪي سلامتي ۽ امن امان، پاڙيسرين سان لاڳاپن جو جائزو پڻ ورتو ويو، اجلاس ۾ ڪالعدم تحريڪ طالبان (ٽي ٽي پي) سان ڳالهين تي شرڪت ڪندڙن کي ??عتماد ۾ ورتو ويو، افغانستان جي صورتحال تي ڪميٽي کي ??ريفنگ ڏني وئي. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ عسڪري ۽ سياسي قيادت موجود هئي، اجلاس کي ??هم قومي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، پارليامينٽ ميمبرن کي ??عتماد ۾ وٺڻ جي لاءِ ان ڪئميره اجلاس گهرايو ويندو، وزيراعظم شهباز شريف ڳالهين تي ايوان کي ??عتماد ۾ وٺندو. هن چيو ته عمران خان ادارن کي مس يوز ڪندو رهيو، جيڪي شيون ساڍا ٽي سالن ۾ ثابت نه ڪري سگهيا هاڻي ڇا ڪندا، رٽائرڊ ججن کي ??حتساب عدالت ۾ لڳائڻ جو مقصد انتقام جي ايجنڊا کي ??ڳتي وڌائڻو هو، ڪيسز کي ڪوڙو ثاب?? ڪرڻ اسان جو آئيني حق آهي. هن چيو ته جن ووٽن سان عمران آيو انهن ئي ووٽن سان شهباز شريف به وزيراعظم بڻيو، راجا رياض، نور عالم گذريل ٻن سالن کان عمران خان تي تنقيد ڪري رهيا هئا، نيب ترميمن تي بيانيو ٺاهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن، نيب ايڪٽ جو اڳ ۾ جائزو وٺن، 80 سيڪڙو ترميمون تحريڪ انصاف جي حڪومت پاڻ آرديننس ۾ کڻي آئي هئي، نيب 90 ڏينهن جو ريمانڊ وٺندي هُئي، نيب ??ڌائي ڪهڙن سياستدانن کان ڪيترا پئسا وصول ڪيا؟ نيب جيڪي پئسا ريڪور ڪيا هائوسنگ سوسائٽين کان ڪيا. گهرو وزير چيو ته عدالت ڪيترن ئي فيصلن ۾ نيب کي ڪارو قانون چيو، قومي احتساب بيورو ۾ 90 ڏينهن ريمانڊ جي باوجود چالان پيش نه ڪيو ويندو هو، اسان ته ڀوڳي چڪا آهيون، نيب ??انون کي ??سان پنهنجي لاءِ ٺيڪ ناهي ڪيو، اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ عدالت جون به تجويزون هيون، نيب ??انونن تي ڪاروباري طبقي، بيوروڪريٽس کي ??عتراض هئا، ضمانت جو اختيار عدالت کي ڏنو ويو آهي، نيب ??ڪ آزاد ادارو آهي. هن چيو ته معيز انٽرپرائيزز ۾ به انهن جي فرنٽ مين جو نالو نڪتو آهي، جيڪڏهن نيب ترميمن جو ??ائ??و ٿيڻو آهي ته توهان جي ماڻهن کي ٿيڻو آهي، جيڪڏهن نيب ??انونن سان ڪو نه پڪڙيو ويندو ته توهان کي ??وش ٿيڻ گهرجي، برطانيا مان ايندڙ رقم بابت عمران خان ڪو جواب نه ڏنو، نجي هائوسنگ سوسائٽي کان 458 ڪينال زمين حاصل ڪئي وئي، ڪهڙي کاتي ۾ القادر يونيورسٽي کي ??مين ڏني وئي؟ 50 ارب جو ??ائ??و نجي هائوسنگ سوسائٽي کي ڏنو ويو، 10 ڏينهن گذري وڃن کانپوءِ به عمران خان ان جو جواب ناهي ڏنو، انهن 10 ڏينهن ۾ عمران خان 11 پريس ڪانفرنسون ڪيون آهن. هن چيو ته طئي ٿيو آهي ته ٽي ٽي پي سان ڳالهيون پاڪستان جي آئين تحت ٿينديون ۽ اهي ڳالهيون پارليامينٽ جي گائيڊ لائينز موجب ٿينديون، قومي سلامتي ڪميٽي جي ڪارروائي تي پارليامينٽ ميمبرن کي ??عتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان جدل پارليامينٽ جو ان ڪئميره اجلاس گهرايو ويندو جنهن ۾ وزيراعظم ايوان کي ??عتماد ۾ وٺندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيپلزپارٽي پاران آصف علي زرداري قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شريڪ هو، هو به ان جي حق ۾ هو ته ٽي ٽي پي سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هڪ راءِ آهي ته جيڪي ماڻهو رياست جي خلاف استعمال ناهن ٿيا انهن کي قومي ڌارا ۾ آندو وڃي، ٽي ٽي پي جي گهرڀاتين ۽ ٻارن جو ته ڪو ڏوهه نه آهي، انهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 14 ڏينهن جي ريمانڊ جو ??ائ??و عمران خان، فرح گوگي، عثمان بوزدار، عامر ڪياني ۽ ٻين حواري جيڪي ڪرپشن ۾ انهن جا فرنٽ مين آهن، انهن کي ??ڌوسنئون ٿيڻو آهي. گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان تنقيد ڪري رهيو آهي ته ضمانت جو اختيار ڏنو ويو آهي، ان کان سوال آهي ته ڇا ضمانت جو اختيار حڪومت کي ڏنو ويو آهي يا ڪنهن جوابدار کي ڏنو ويو آهي؟ ضمانت جو اختيار عدالتن کي ڏنو ويو آهي. هن چيو ته نيب جي اڳوڻي چيئرمين جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ درخواست ملي آهي، ان تي قانوني گهرجون پوريون ڪيون وينديون، ماضي ۾ به حميد گل سندس خلاف هراسان ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي، هڪ وقت هو جڏهن نيب جو اڳوڻو چيئرمين چوندو هو ته 14، 15 ماڻهن کي گرفتا ڪيو وڃي ته ماضي جي حڪوم?? ڪري پوندي ۽ هڪ شخص ته اهڙو آهي جو ان جي صحت اسان کي گرفتاري جي اجازت نه ٿي ڏي، ان کانپوءِ انهي حڪومت ان وڊيو جي ذريعي نيب چيئرمين کي ??ٻاءُ ۾ آندو ۽ پوءِ مخالف ڌر تي انتقامي ڪيسن جي ڀرمار ٿي وئي. هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان ۽ سندس گهرواريءَ جي خلاف هڪ نجي هائوسنگ سوسائٽي کي 50 ارب جو ??ائ??و پهچائڻ، ذوالفقار ٽرسٽ جي لاءِ 458 ڪينال زمين وٺڻ ۽ بني گالا ۾ 240 ڪينال زمين جي معاملي جي جاچ لاڳاپيل ادارا ڪري رهيا آهن، ان جاچ جي بنياد تي اڳتي ڪارروائي ٿيڻي آهي.