اسلام ??باد – 18 211; ??ون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گلگ?? بلتستان هر لحاظ کان پاڪستان جو هڪ زرخيز خطو آهي، هتي سياحت جا وسيع موقعا موجود آهن، جنهن جي تيز ترين ترقي جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ گهرجن. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گلگ?? بلتستان اسيمبلي جي ميمبرن سان ملاقات دوران صدر چيو ته هڪ سٺي حڪوم?? جي اها سڃاڻپ آهي ته اها ترقي جي سفر ۾ تيزي سان اڳتي وڌي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آئون پاڪستان جي ترقي بابت پراميد آهيان، ڪورونا وائرس جي وبا ۾ به اسان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان وڌيڪ ترقي ڪئي آهي، اسان ۾ هر لحاظ کان اڳتي وڌڻ جي صلاحيت موجود آهي ۽ ملڪ جو مستقبل روشن آهي. صدر چيو ته گلگ?? بلتستان ۾ سياحت ۽ ٻئي ميدان ۾ وسيلن جي ڀيٽ ۾ هنرمند ماڻهن جي کوٽ آهي. ان لاءِ انهن وسيلن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ ۽ علائقي کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ هنرمند ماڻهن جي ضرورت پوندي. بلتستان يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي مقرري بابت صدر چيو ته علائقي ۾ معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۽ يونيورسٽي ۾ پيشيواراڻي قيادت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انتهائي قابل، اهل ۽ موزون شخصي?? جي مقرري ڪئي ويندي. هن چيو ته اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ گلگ?? بلتستان جي ٻين ضلعن ۾ به ميمبرن جي مطالبن کي نظر ۾ رکندي قراقرم يونيورسٽي ۽ بلتستان يونيورسٽي جا ڪئمپس قائم ڪيا ويندا. صدر گلگ?? بلتستان جي ترقي جي لاءِ ضروري وسيلن جي فراهمي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ملاقات ۾ گلگ?? بلتستان جو وڏو وزير ۽ گلگ?? بلتستان اسيمبلي جا ميمبر جن ۾ حڪمران ۽ مخالف ڌر پارٽين جا ميمبر پڻ موجود هئا.