اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ??ي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پاڪستان چين جي وچ ۾ 71 سالا اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ چين مشڪل حالتن جا دوست آهن، ذوالفقار علي ڀٽو چين پاڪستان لاڳاپن جو معمار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنا سي پيڪ ميڊيا فورم کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻو صدر آصف علي ??رداري چين جي دوري تي ويا، مارچ 2013ع ۾ گوادر پورٽ کي چين جي تعاون سان آپريشنلائيز ڪيو ويو. سي پيڪ جي ذريعي انفرااسٽرڪچر ۽ عوامي ڀلائي جا ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪيا ويا، راجا پرويز اشرف چيو ته وچ اوڀر، آف??يق?? ۽ يورپ سان رابطاڪاري لاءِ گوادر پورٽ اهم آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ سي پيڪ منصوبن جي جلد پڄاڻي جي حوالي ??ان دلچسپي وٺي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ان حوالي ??ان پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، خاص طور بلوچستان ۽ عام طور تي سڄي خطي ۾ سي پيڪ منصوبي جي ذريعي خوشحالي ??يندي، سي پيڪ کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته ميڊيا جي به ذميداري آهي ته هو سي پيڪ جي حوالي ??ان جعلي ??برن کي جاءِ نه ڏي، ٻنهي ملڪن جي ميڊيا کي هڪٻئ?? سان مثبت خبرن جي مٽاسٽا ڪرڻ گهرجي ته جيئن سي پيڪ جي حوالي ??ان غلط خبرن ۽ پروپيگنڊا جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته اهو سي پيڪ هڪ فلنگ منصوبو آهي ۽ موجوده حڪومت ان کي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي.