اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هائير ا??جوڪيشن ڪميشن جي بحالي ۽ بجيٽ 23 -2022ع ۾ ڪٽوتي نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هائير ا??جوڪيشن ڪميشن کي مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي دور وانگر ف??ال بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم هائير ا??جوڪيشن ڪميشن بابت منصوبابندي ۽ ناڻي واري وزارت کي هدايتون جاري ڪيون آهن، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته هائير ا??جوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ ۾ گذريل پوڻا چئن سالن ۾ ڪٽوتين اعليٰ تعليم ??ي منفي اثر وڌو آهي، ان عمل کي واپس ڪيو وڃي، سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ تعليمي پراجيڪٽس جي بحالي تي ڌيان ڏنو وڃي، اعليٰ تعليم کي عالمي معيار تي هموار ٿيندي پروگرامز جي تعداد ۾ اضافو ڪيو وڃي. هائير ا??جوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي نه ڪئي وڃي. هائير ا??جوڪيشن ڪميشن جي وسيلن ۾ چڱو خاصو اضافو ڪيو وڃي. استادن ۽ شاگردن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيو وڃن.