اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي وزير جي حيثيت سان ايوان صدر ۾ حلف برداري کانپوءِ ملاقات ڪئي. ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري وفاقي ڪابينا ۾ توسيع جي ٽئين مرحلي ۾ پنهنجي عهدي جو حلف کنيو، حلف برداري جي تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، قومي اسيم??لي جي اسپيڪر راجا پرويز اشر??، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گي??ان??، گهرو وزير رانا ثناءُ الله، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ وفاقي ڪابينا جي ٻين ميمبرن ۽ سياسي اڳواڻن شرڪت ڪئي.