جده – 29 – اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? شهباز ??ريف سعودي عرب جي دوري جي ٻئي ڏينهن مدينه منوره کان جده پهچي ويو. مڪه جي گورنر خالد بن فيصل السعود ۽ سعودي عرب جي قو??ي سلامتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر مسعد بن محمد العيبان هوائي اڏي تي وزير??عظ?? جو استقبال ڪيو. وزير??عظ?? مدينه منوره ۾ قيام دورن ٻه ڀيرا روزه رسول ﷺ تي حاضري ڏني، رياض الجنته ۾ نوافل ادا ڪيا، جمعته الوداع جي نماز مسجد نبوي ۾ ادا ڪئ??، ملڪي سلامتي، ترقي ۽ سماجي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون. وفاقي وزير بلاول ڀٽو زردار??، مفتاح اسماعيل، نوابزاده شاهه زين بگٽ??، مريم اورنگزيب، خواجه محمد آصف، چوڌري سالڪ حسين، ڊاڪٽر خالد مقبول صديق??، محسن داوڙ ۽ مولانا طاهر اشرفي به وزير??عظ?? سان وفد ۾ شامل آهن. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزير??عظ?? جو اهو پهريون غير ملڪي دورو آهي، دوري دوران وزير??عظ?? ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز ۽ لاڳاپيل عملدارن سان ملاقاتن ۾ اقتصادي، واپاري ۽ رابطن کي واڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ سعودي عرب ۾ پاڪستاني افرادي قوت لاءِ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندو، ان موقعي تي دوست ملڪ گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص طور تي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪستان ۽ سعودي عرب ڀائراڻي لاڳاپن ۾ جڙيل آهن جيڪي گڏيل اعتماد ۽ افهام ۽ تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪٻئي جي حمايت جي لازوال روايت تي ٻڌل آهن، پاڪستان جي عوام حرمين شريفين جي متولي کي انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي، سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز ??ي دعوت تي وزير??عظ?? محمد شهباز ??ريف سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي اعليٰ سطحي سرڪاري دوري تي آهي.