اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ڪراچي ۾ دهشتگرداڻي حملي جي سخت مذمت ڪندي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان ڪراچي ۾ ٿيندڙ قابل مذمت دهشتگرداڻي حملي جي شديد مذمت ڪريون ٿا جنهن ۾ ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين سميت معصوم جانين جو نقصان ٿيو آهي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ان وا??عي ۾ پنهنجي جانين تان هٿ ڌوئيندڙ متاثرين جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪريون ٿا، ??رج??ان چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا وا??عي جي جاچ ڪري رهيا آهن ته جيئن جوابدارن جي گرفتاري ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي، بيان ۾ چيو ويو ته مقامي عملدارن زخمين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهيا آهن، ??رج??ان چيو ته اهو بزدلاڻو وا??عو پاڪ چين دوستي ۽ جاري تعاون تي سڌو سنئون حملو آهي، پاڪستان ۽ چين ويجها دوست ۽ مضبوط ڀائر آهن، ??رج??ان چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت کي تمام ??هڻ?? اهميت ڏي ٿو.