ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مزار جي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي ۽ مزار تي گلن جي چادر چاڙهي، اربع ڏينهن وزيراعظم جي ڪراچي ايئرپورٽ آمد تي سنڌ جي وڏي و??ير سيد مراد علي شاهه سندس آجيان ڪئي ۽ وزيراعظم سان پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو. ان کانپوءِ وزيراعظم، سنڌ جي وڏي و??ير ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان گڏ مزار قائد پهتو، هن مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا، ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، اي?? ڪيو اي?? پاڪستان جو ??رب??اهه خالد مقبول صديقي، جمعيت علماءُ اسلام (ف) جو قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ مولانا اسعد محمود، اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، مريم اورنگزيب، اڪرم دراني ۽ ٻيا اڳواڻ به ساڻس گڏ هئا.