اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪندي پرامن احتجاج ڪري رهيا هئا، پيپلزپارٽي هڪ طرف جمهوريت جي چيمپئين هجڻ جي دعويٰ ڪندي آهي ته ٻي طرف پُرامن احتجاج برداشت نٿي ڪري سگهي، سنڌ حڪومت ۽ پ??لي?? فوري طور تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي آزاد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي گرفتاري تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪيو، فرخ حبيب چي?? ته سنڌ حڪومت جو غير جمهوري رويو سڀني تي ظاهر ٿي چڪو آهي، پيپلزپارٽي جو مارچ پنجاب کان ٿيندو اسلام آباد تائين پهتو پر ڪٿي به ڪو ڪيس يا رڪاوٽ نه هئي. مملڪتي وزير چي?? ته پيپلزپارٽي شايد سياسي قدر به وساري چڪي آهي، اها ڪهڙي جمهوري حڪومت آهي جيڪا پرامن احتجاج ڪرڻ وارن جي خلاف ڪيس داخل ڪري رهي آهي. اطلاعات واري مملڪتي وزير چي?? ته جهڙي طرح رات جو سنڌ پ??لي?? پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا، ايئن ڏوهاري پيشيور عنصرن کي چيڀاٽڻ لاءِ ڪن ها ته ڏوهن تي ضابطو آڻي وٺن ها، اهڙي ڪريل حرڪت تي بلاول کي جواب ڏيڻو پوندو، پي ٽي آءِ کي هاڻي انهن کي جمهوري قدر به سيکارڻا پوندا.