اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي کي نيوزي لينڊ، ميڪسيڪو، گهانا ۽ يوگنڊا ??ي سفيرن پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. ان سلسلي ۾ ايوان ??در ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. ان کان اڳ نيوزي لينڊ جي هاءِ ڪمشنر مائيڪل ويهي ميليسٽونگاوالش، يوگنڊا ??ي هاءِ ڪمشنر محمد تيز يڪوبا ڪسمبيرا، ميڪسيڪو جي سفير گيلر مواليجينڊر وپيوينٽي ۽ ڊوريڪا ۽ گهانا جي سفير ايررڪ اووسابوٽينگ ??در سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.
ان موقعي تي ڳالهائيندي ??در چيو ته پاڪستان 220 ملين کان وڌيڪ آبادي ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بي پناهه امڪانن جو حامل اهم ملڪ آهي، هن نيوزي لينڊ، ميڪسيڪو، گهانا ۽ يوگنڊا ??ان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. ??در چيو ته پاڪستان علائقائي واپار ۽ رابطن جي مرڪز جي طور تي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي دنيا جي مختلف خطن جي وچ ۾ واپار ۽ رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، هن سفيرن کي اهو به چيو ت?? هو پنهنجي ملڪن جي واپارين کي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏين، سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏيندي ??در ان اميد جو اظهار ڪيو ت?? هو پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪندا، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري جي شعبن سميت پنهنجي زرعي شعبي جي تر??ي کي تمام گهني اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل فائدي جي لاءِ انهن شعبن ۾ مهارت جي مٽاسٽا ڪرڻ چاهي ٿو. هن دوست ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ??در دوست ملڪن سان تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ نون مقرر سفيرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.