اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحو ۽ اولهه پاڪستان اس??ن جي تاريخ جا 2 ناقابل فراموش واقعا آهن، انهن واقعن پاڪستاني قوم کي ملڪ دشمنن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ هڪ نئون جذبو ڏنو. آرمي پبلڪ اسڪول سانحي پ??اور جي ورسي جي موقعي تي گهرو وزير ??نه??جي پيغام ۾ چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول ۽ مشرقي پ??ڪستان اس??ن جي تاريخ جا نه وسرندڙ واقعا آهن، انهن واقعن جي شهيدن پاڪستاني قوم کي ملڪ دشمنن سان مقابلي ڪرڻ جو هڪ نئون جذبو ڏنو. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن پوري قوم ??نه??جي انهن شهيدن کي خراجِ عقيدت ۽ سلام پيش ڪري ٿي. حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي سنجيدگيءَ سان عمل ڪري رهي آهي ته جيئن اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿين. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان خلاف ناپاڪ مقصد رکندڙ ڌُرين سان سختيءَ سان مُنهن ڏنو ويندو.