اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستا?? سٽيزن پورٽل تي شهرين جي داخلا جي انگ ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم آفيس موجب وزيراعظم ڊيليوري يونٽ پاران ماهوار انگ اکر جاري ڪي?? ويا آهن، پاڪستا?? سٽيزن پورٽل تي شهرين جو تعداد 37 لک کان ٽپي ويو آهي، پنجاب مان 22 لک، خيبرپختونخوا مان 6 لک ۽ سنڌ مان 5 لک شهرين کي پاڪستا?? سٽيزن پورٽل تي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي. بلوچستان مان 51 هزار جڏهن ته وفاق مان 77 هزار شهري رجسٽرڊ ٿيا، وزيراعظم آفيس موجب شهرين پاران پاڪستا?? سٽيزن پورٽل ت?? 4.4 ملين شڪايتون درج ڪيون ويون آهن، پاڪستان مان 42 لک ۽ اوورسيز پاڪستانين پاران 2 لک 15 هزار شڪايتون مليون آهن، پاڪستا?? سٽيزن پورٽل تي هن وقت تائين 40 لک شڪايتون اڪلايون ويون آهن، پاڪستا?? سٽيزن پورٽل جي ڪارڪردگي تي 46 سيڪڙو شهرين اطمينان جو اظهار ڪيو آهي