اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مم??ڪتي وزير فرخ حب??ب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ جمعي تي ڪراچي جي عوام لاءِ جديد ترين گرين لائين بس ريپڊ ٽرانزٽ سسٽم منصوبي جو افتتاح ڪندو. فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته روزاني هڪ لک 35 هزار مسافر ان معياري بس سروس مان فائدو کڻي سگهندا، مم??ڪتي وزير چيو ته بس سروس لاءِ 80 بسون، 21 ڪلوميٽر ٽريڪ ۽ جديد سهولت سان 22 اسٽيشنز قائم ڪيا ويا آهن.