اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان للها – جهلم ٻن ڦاڪن و??ري رستي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، 128 ڪلوميٽر ڊگهو ٻن ڦاڪن وارو رستو 16 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندو ۽ ان جي تڪميل 30 مهينن ۾ ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب ان رستي جي تعمير سان چڪوال، خوشاب، منڊي بهاءُ الدين، گجرات ۽ ميرپور جي علائقن ۾ رابطو قائم ٿيندو، ڄاڻايل رستي جي ڪري سياحت کي فروغ، پوکيءَ ج?? فارم کان مارڪٽ پهچ، روزگار جي موقعن ۾ اضافي ۽ معاشي ترقي ۾ مدد ملندي. تقريب ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، آزاد ڪشمير جي صدر ب??ري??ٽر سلطان محمود چوڌري، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم عبدالقيوم نيازي، منصوبابندي ۽ ترقي و??ري وفاقي وزير اسد عمر ۽ اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پڻ شرڪت ڪئي.