اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار ۽ پاڻي جي تحفظ لاءِ من??وبن تي وقت سر عملدرآمد لاءِ واپڊا جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.
وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب و??يراعظم عمران خان سان واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي واپڊا جي نگراني هيٺ ڀاشا ۽ مهمند ڊيمن سميت مختلف من??وبن تي اڳڀر??ئي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار ۽ پاڻي جي تحفظ جي من??وبن تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ واپڊا جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.