اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم پاڪستان جو عوامي شڪايتن جي بهتر حل جو مشن جاري آهي. پنجاب پوليس جي اعليٰ آفيسرن جي ??اءِ پاڪستان سٽيزن پورٽل بابت ورڪشاپ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آفيس ۾ قائم پي ايم ڊيليوري يونٽ جي عملدارن پاران جاري خط ۾ آءِ جي ??نجاب، ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ ڊي پي اوز کي ذاتي طور تي ٽريننگ ۾ شرڪت ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ورڪشاپ ۾ سمورن اعليٰ آفيسرن کي وڊيو لنڪ ذريعي شڪايتن جي حل تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي. برينگ وزيراعظم جي آفيس ۾ قائم پي ايم ڊيليوري يونٽ جي عملدارن پاران ڏني ويندي. ورڪشاپ ۾ اعليٰ آفيسرن جي سدطح تي عوامي شڪايتن جي صحيح ۽ پائيدار حل جي ??اءِ پاليسي سازي تي بريفنگ ڏني ويندي. پنجاب پوليس ??انپوءِ باقي صوبن جي اعليٰ پوليس آفيسرن کي پڻ سکيا ڏني ويندي. واضح رهي ته آءِ جي ??نجاب جي آفيس پاران تفصيلي آڊٽ ٿيڻ کانپوءِ لاڳاپيل آفيسرن جو ورڪشاپ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سکي?? هن ئي هفتي منعقد ڪئي ويندي.