مهمند – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??همند ڊيم ج?? دورو ڪيو ۽ موقعي تي جاري ڪم ج?? جائزو ورتو، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جرل (ر) مزمل حسين منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان ??زيراعظم کي بريفنگ ڏني. مهمند ڊيم ج?? سنگ بنياد وزيراعظم عمران خان 2 مئي 2019ع ۾ رکيو هو، مهمند ڊيم درياءُ سوات تي قبائلي ضلعي مهمند ۾ تعمير ڪيو پيو وڃي، اهو گهڻ مقصد منصوبو ٻوڏ جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ، زراعت ۽ شهري ضرورتن لاءِ پاڻي ذخيرو ڪرڻ، سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکندو. ٽي سئو نو ارب کان ??ڌيڪ (309.6) ارب روپين جي لاڳت سان ??هندڙ مهمند ڊيم ج?? اونچائي 213 ميٽر هوندي جنهن ۾ 1.293 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش هوندي ۽ 800 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي.