اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته وزيراعظم عمران خان قوم سان ڪيل پنهنجي احتساب جي واعدي تان ڪڏهن پوئتي نه هٽيو، وزيراعظم عمران خان قانون جي حڪمراني کي قائم ڪيو آ??ي، علي ظفر جي رپورٽ سان جهانگير ترين جي خلاف تحقيقات تي ڪو فرق نه پوندو، ملاقات جي ??وا??ي سان بئريسٽر علي ظفر ۽ بئريسٽر شهزاد اڪبر جي ڳالهه کي اعتب??ر جوڳي سمجهان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته کنڊ اسڪينڊل جي ??وا??ي سان جوڙيل ڪميشن پنهنجون سفارشون پيش ڪيون ۽ انهن سفارشن جي بنياد تي ايف آءِ اي مختلف شوگر ملز جي خلاف ايف آءِ آرز داخل ڪيون ۽ انهن تي ڪارروائي شروع ٿي وئي، جهانگير ترين سياسي طور تي هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي ان لاءِ ميڊيا تي ان جو ذڪر ٿيندو آ??ي ۽ باقي جن جي خلاف ڪارروايون ٿي رهيون آهن ان جي ??وا??ي سان اڳڀرائي منظر عام تي نٿي اچي، هن چيو ته بئريسٽر علي ظفر کي رڳو جهانگير ترين گروپ جي طرفان شڪايتن جي ??وا??ي سان جاچ ڪرڻي هئي، بئريسٽر علي ظفر جي رپورٽ جو ايف آءِ اي جي جاچ يا عدالت جي سامهون جهانگير ترين جي ڪيس جي ??وا??ي سان ڪو به تعلق نه آهي، اهي سڀ شيون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي هلي رهيون آهن، بئريسٽر علي ظفر جو ڪم جهانگير ترين گروپ جي شڪايت جي ??وا??ي سان معاملن کي ڏسڻو آ??ي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان بنا فرق احتساب جي ??وا??ي سان هڪ اعليٰ مثال قائم ڪيو آ??ي ڪنهن به شخص جو تعلق چاهي حڪومتي پارٽي سان هجي يا مخالف ڌر سان هجي، جيڪڏهن ڪنهن جي خلاف ڪو سوال اٿي ٿو ته انڪوائري به ٿيندي ۽ لاڳاپيل ادارا جاچ به ڪندا ۽ سڀني کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو.