اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي اپيل ڪئي آه?? ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل ڪريو ۽ ماسڪ ضرور پايو ٻي صورت ۾ سخت لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو، پاڪ فوج روڊن تي نڪري ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد ڪندي، حڪومت هاڻي سختي ڪندي، هو ڪورونا وائرس جي حوالي سان قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو، وفاقي وزير اسد عمر، اط??اعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير، قومي صحت وارو خاص مددگار ۽ قومي رابطا ڪميٽي ۾ شرڪت ڪندڙ به ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آه??، آئون قوم کي اپيل ڪريان ٿو ته مهرباني ڪري ايس او پيز تي عمل ڪيو، وزيراعظم چيو ته اسان بار بار عوام کي چئي رهيا آه??ون ته اهي ايس او پيز تي عمل ڪن، پر ماڻهو ڌيان نه ڏئي رهيا آه??، ماسڪ پائڻ سان اڌ مسئلو حل ٿي ويندو آه??، ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ اسان کي اهي قدم کڻڻا پوندا جيڪي ڀارت کڻي رهيو آه??، خدا نه ڪري جيڪڏهن ڀارت جهڙيون حالتون ٿي وڃن ته شهرن ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته لاڪ ڊائون سان دڪاندار ۽ فيڪٽرين جي مالڪن س??يت سڄي قوم متاثر ٿيندي آه?? پر ڏهاڙيدار ۽ غير طبقو بلڪل پيڙهجي ويندو آه??، لاڪ ڊائون جا مشورا ڏنا پيا وڃن، پر اڃان اسان اهو نه ڪري رهيا آه??ون، ڇاڪاڻ جو اسان کي معاشري جي ڪمزور طبقن جي مش??لا??ن جو احساس آه??، ڏهاڙيدار مزدور روزاني ڪمائيندو آه?? تڏهن هو ۽ سندس ٻار کاڌي کائڻ جي قابل ٿيندا آه??، اسان کي مش??لا??ن جو احساس آه?? پر جيڪڏهن ڪورونا وائرس سبب متاثر ڪيس وڌي ويا ته آخر اسان ڪيستائين لاڪ ڊائون کان بچي سگهنداسين. وزيراعظم چيو ته گذريل رمضان المبارڪ دوران عوام احتياط ڪيو جنهن جي ڪري صورتحال بهتر هئي، پاڪستان ۾ مسجدون بند ناهن ٿيون، عالمي سڳورن عوام ۾ ايس او پيز جي حوالي سان شعور اجاگر ڪيو.