اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ريلوي جهڙي قومي ادا??ي کي خساري مان ڪڍڻ جي لاءِ بنا رڪاوٽ سڌار??جا??ي عمل ضروري آهي، بهتر ريلوي نظام سان نه رڳو عوام کي اچ وڃ جي بهتر سهولت ملندي پر ٽريفڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ معاشي بهتري ۾ پڻ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ريلويز ۾ جاري سڌار??جا??ي عمل، ڪر??چي سرڪلر ريلوي منصوبي ۾ اڳڀرائي ۽ پرائم منسٽري ريلوي گرين انيشيئيٽو جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ريلوي واري وفاقي وزير محمد اعظم خان سواتي، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، ادار??جا??ي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، وفاقي سيڪريٽرين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪر??چي شهر جي مسئلن جي حل جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته لاهور ڪر??چي ريلوي ٽريڪ جي متوازي مال بردار گاڏين جي لاءِ هڪ مخصوص فريٽ ڪوريڊور ٺاهڻ جو منصوبو غور هيٺ آهي، جنهن ذريعي پپ??ي کي ڪر??چي پورٽ ٽرسٽ سان ڳنڍيو ويندو، ان ڪوريڊور جي نتيجي ۾ مال برداري ۾ آساني ۽ شهر ۾ ٽريفڪ جي مسئلن ۾ گهٽتائي ٿيندي. ڪر??چي سرڪلر ريلوي منصوبي جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته ان حوالي سان پاڪستان ريلوي بي او ٽي بنيادن تي ماڊل تيار ڪيو آهي جنهن ذريعي مسافرن کي بهتر سروس جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهبو. منصوبي جي ٽيڪنيڪل ڊيزائن ۽ فنانشل ماڊل جي تياري جي حوالي سان ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو آهي. جيڪو 30 ڏينهن ۾ پنهنجون تجويزون پيش ڪندو. ريلوي سڌارن جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته پاڪستان ريلويز جي نقصانن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ ادا??ي کي ٻڏڻ کان بچائڻ جي حوالي سان تفصيلي سڌار??جا??ي پروگرام تي ڪم جاري آهي.