اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پي آءِ اي کي قومي اث??ثو قرار ڏيندي چيو آهي ته قومي ايئر لائين جو ماضي شاندار آهي، پي آءِ اي کي عالمي سطح تي پنهنجو مقام واپس حاصل ڪرڻ ۽ ان کي منافع بخش بڻائڻ لاءِ ان جي سروس کي عالمي معيار موجب بڻائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار پي آءِ اي جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ هوابازي وارو وفاقي ??زير غلام سرور خان، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، سينيٽر نعمان وزير خٽڪ، ايوي ايشن جو سيڪريٽري شوڪت علي، سي اي او اي??ر مارشل (ر) ارشد ملڪ، ڊي جي سول ايوي ايشن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عشرت حسين اجلاس کي پي آءِ اي جي نئين سر جوڙجڪ جي حڪمت عملي جي باري ۾ آگاهه ڪيو جنهن سان نه رڳو پي آءِ اي جي مالي حالت ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي پر ان جي منافع بخش روٽ وڌائي عالمي رخن تي سروس فراهم ڪري سگهجي ٿي، اي??ر مارشل (ر) ارشد ملڪ وزيراعظم کي پي آءِ اي جي بهتري لاءِ کنيل قدمن ۽ ان سان اداري تي پوندڙ مثبت اث??ن کان آگاهه ڪيو.