اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار ۽ دوستاڻا لاڳاپن تي يقين رکي ٿو، افغانستان ۽ آذربائيجان ڀائر اسلامي ملڪ آهن ۽ انهن سان دوستاڻا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ گڏيل اقتصادي مفادن تي ٻڌل آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان ۽ آذربائيجان ??اءِ نامزد سفيرن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير منصور احمد خان سان ڳالهائيندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پاڪستان جا افعانستان سان تاريخي دوستاڻا لاڳاپ?? آهن، هن چيو ته افغانستان سان ??اپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ موجود?? حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي.